چاڪي محمد عثمان

چاڪي، محمد عثمان: حاجي محمد عثمان ولد حاجي محمد سهتل چاڪي، سنڌ جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن 18 صفر 1292ع مطابق 8 فيبروري 1875ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي حاجي احمد کان ورتي، پوءِ سنڌ جي مختلف مدرسن ۾ پڙهيو. مدرسه صديقه شهداد ڪوٽ مان، علامه غلام صديق ميمڻ وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪري، دستار فضيلت ٻڌائين. لنواري شريف جي بزرگن وٽان خلافت جو خرقو ڍڪيائين. حاجي صاحب سنڌي، عربي ۽ فارسي، زبانن جو وڏو عالم هو. سچل سائينءَ جو پانڌيئڙو هو. هن سچل سرمسترح جي عقيدت ۾ ڪيترو ڪلام چيو آهي. سندس ڪلام ۾: ٽيهه اکريون، مداحون، مناجاتون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون وغيره ملن ٿيون. هيءُ 12 شوال 1313هه مطابق 3 جولاءِ 1918ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار لاڙڪاڻي ۾ لوهرن جي مسجد جي ويجهو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1875.02.08  عيسوي

حاجي محمد عثمان ولد حاجي محمد سهتل چاڪي، سنڌ جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن 18 صفر 1292ع مطابق 8 فيبروري 1875ع تي جنم ورتو


1918.07.03  عيسوي

هيءُ 12 شوال 1313هه مطابق 3 جولاءِ 1918ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام لاکو
پير غلام شاهه جيلاني
امام بخاري
ارباب منور هالو
عبدالحڪيم سومرو مولانا
عشرت رحماني
ڀٽو شاهنواز
خفيف II
ڄيٺملاڻي رام
اعجاز علي بيگ مرزا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون